Thursday, April 4, 2024

 Preface for Prof  Dr Bashir Ahmed Memon's book on media

مهاڳ

 ميڊيا جيترو وڌي اوترو ئي اُن ۾ گهڻ رنگي آئي آهي ۽ ان ۾ عمل به اوترو ئي ڳُتيل ٿي ويو آهي. ان حساب سان ميڊيا جا هُنر (Skills) سکڻ پنهنجي جاءِ تي اهم آهي پر خود اهو سمجهڻ اوترو ئي اهم آهي ته ميڊيا ان جي پراڊڪٽ ڪيئن ماڻهن تي اثرانداز ٿئي ٿي؟ ڪهڙا ميسيج ڏي ٿي. سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو جي ميڊيا شعبي جو استاد ڊاڪٽر بشير ميمڻ برطانيه جي لائسٽر (Leicester) يونيورسٽي مان سنڌ جي صحافت ۽ صحافين تي پي ايڇ ڊي ڪئي اٿس. تنهن سنڌ جي صحافت ۽ صحافين جو گهري علمي نظر سان جائزو ورتو آهي. سندس ان اڀياس ۽ مشاهدي بعد هن ڪتاب ۾ پنهنجي جائزي جي اُپٽار ڪئي اٿس. دراصل هن ميڊيا جي ڪجهه عملي پاسن کي اُڀاريو ۽ ان بابت ڪجهه سوال اٿاريا اٿس، جيڪي سوال اسان وٽ سماج ۾ ته موجود آهن، پر ڪو صحافي پنهنجي پاڻ کان اُهي سوال ورلي پڇي ٿو. ڊاڪٽر بشير ميمڻ عام فهم ٻولي ۽ انداز سان ڪجهه بنيادي نوعيت جا به سوال ڪيا آهن ته خبر ڇا آهي؟ صحافت ڇا آهي؟ صحافي ڪير آهي ۽ ڪير ناهي؟

        انٽرنيٽ ۽ جديد اليڪٽرانڪ ٽيڪنالاجي اچڻ بعد صورتحال اِها آهي ته اسان تي روز سوين ڇا، هزارين ميڊيا جي پيغامن جي بمباري ٿي رهي آهي. پرنٽ ميڊيا کان وٺي ٽيليويزن چئنلن تائين انٽرنيٽ جي ويب سائيٽن کان وٺي سوشل ميڊيا تائين، کن پل ۾ قسمين قسمين پيغامن جو وسڪارو آهي. انهن مان ڪجهه پيغامن کي سڃاڻڻ سولو آهي، ڇاڪاڻ جو اهي سڌا پيغام هوندا آهن پر گهڻا پيغام اهڙن ورن وڪڙن، رنگن ۽ پردن ۾ ويڙهيل هوندا آهن جن کي سڃاڻڻ مشڪل هوندو آهي. اسان ڄاڻون ٿا ته ٽي وي، انٽرنيٽ توڙي ريڊيو ۽ اخبارن ۾ اشتهار مختلف پراڊڪٽس (مصنوعات) وڪڻڻ لاءِ ڏنا ويندا آهن. اهي اشتهار ميڊيا ڏسندڙن کي هرکائڻ، انهن جو ڌيان ڇڪائڻ ۽ آماده ڪرڻ لاءِ ائين ٺاهيا ويندا آهن جو اُهي دلچسپ ۽ وڻندڙ، دل کي ڇُهندڙ ۽ دماغ تي اثر وجهندڙ هجن. مثال کڻي وٺو فلمن ۽ ڊرامن جا اشتهار توڙي ٽيزر (Teaser) اسان کي اهي فلمون ۽ ڊراما ڏسڻ تي آماده ڪري وجهندا آهن. ڇا توهان انهن اشتهارن کي ڪڏهن تنقيدي نظر سان ڏٺو آهي؟ غور ڪندا ته اُهي اسان کي ڪنهن طرح سان قائل يا مائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.

اهي ته ٿيا سڌا پيغام، پر ميڊيا جا ٻيا پيغام ايترو چٽا نه هوندا آهن انهن ۾ قائل يا مائل ڪرڻ جو پيغام لڪل ۽ غير محسوس طريقي سان هوندو آهي.

ڪي ماڻهو اخبار نٿا پڙهن، ٽي وي باقاعدگي سان نٿا ڏسن، سندن خيال آهي ته اهي ميڊيا جي انهن پيغامن ۽ ان جي اثرن کان بچيل آهن. اڄ جيڪي ماڻهو اخبارون نٿا پڙهن ۽ ٽي وي چئنل نٿا ڏسن اهي فيس بُڪ، ٽوئٽر يا يوٽيوب ايتري قدر جو واٽس ايپ جي استعمال ذريعي ميڊيا جي پيغامن جي وَڪڙ ۾ اچي وڃن ٿا. موبائيل فون جو استعمال به ماڻهو کي انهن پيغامن جي  لپيٽ ۾ آڻي ڇڏي ٿو. رڳو ايترو ئي ناهي، اهڙا ماڻهو بهرحال هن سماج ۾ رهندڙ ماڻهن سان لاڳاپيل آهن، جيڪي ميڊيا جا مختلف قسم استعمال ڪن ٿا. اهڙن ماڻهن جي ذريعي ٻين ماڻهن تائين ميڊيا جو پيغام ۽ ان جا اثر پهچن ٿا. پر اهڙي صورت ۾ اِهي پيغام بگڙيل شڪل ۾ پهچن ٿا. ڇاڪاڻ جو پهريون دفعو جيڪو ماڻهو ميڊيا ڏسي ٿو ۽ ان جو پيغام ٻڌي ٿو ته اُتي ٽن کان وڌيڪ شرط لاڳو ٿي وڃن ٿا. پهريون اهو ته هن ڪهڙي ماحول ۾ اهو پيغام ٻڌو/ڏٺو؟ ٻيو اهو ته هن اهو پيغام ڪيترو سمجهيو، ٽيون اِهو ته جيترو به سمجهيو ان کي اوترو بيان ڪري سگهيو آهي يا نه؟

انهي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اڄ جي دؤر ۾ وڏي پيماني تي موجود ميڊيا ڪيتري اهم ۽ پُر اثر آهي.

هتي اهو سمجهڻ ضروري آهي ته خبر هجي يا ڪا فلم يا گانو، يا وري ميڊيا ۾ موجود ٻيءَ ڪا صنف ان ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ انساني نفسيات جي گهري ڄاڻ جو جهجهو ۽ ماهراڻي طريقي سان استعمال ڪيو ويندو آهي. رنگ، منظر، پس منظر، ڪردار، ويس وڳا، ٻول، چمڪ، ڌمڪ، ميوزڪ انهن سڀني ۾ استعمال ٿيل ترتيب هڪ خاص ماحول ٺاهيندي آهي ۽ خاص پيغام جوڙيندي آهي. ان ڪري ميڊيا جي مختلف پراڊڪٽس ۾ لڪل يا غير محسوس طريقي سان سمايل پيغامن جو پتو لڳائڻ ڏکيو ڪم آهي. ڪيترائي ماڻهو انٽرنيٽ تي موجود هر شيءَ کي حقيقت طور قبول ڪندا آهن پر ساڳئي وقت ماڻهن جو ڪجهه حصو اهڙو به آهي جيڪو انٽرنيٽ تي موجود سمورين شين کي بنهه غير حقيقي قرار ڏيندا آهن. اهي ٻئي گروپ سؤ سيڪڙو صحيح ناهن. پهرين ڌُر اهو وساري ٿي ويهي ته انٽرنيٽ تي ڪوبه دربان يا گيٽ ڪيپر ناهي. ٿئي ائين پيو جنهن کي جيڪا شيءِ وڻي انٽرنيٽ خاص ڪري سوشل ميڊيا جي پليٽ فارم تي رکيو ويٺو آهي ۽ چاهي ٿو ته دنيا نه رڳو سندس ڳالهه ٻُڌي بلڪه ان جي حمايت پڻ ڪري.

حقيقي دنيا اها آهي ته مذهب، اقتدار توڙي وسيلن تي ڪنٽرول سياست کي وڌيڪ ڪٽر بڻائي ڇڏيو آهي، مذهبي عقيدن توڙي سياسي خيالن وارا ماڻهو به پنهنجا هم خيال پيدا ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ رُڌل آهن ۽ وسيلن تي ڪنٽرول وارا ۽ وڌيڪ وسيلا هڙپ ڪرڻ ۽ پنهنجو موجوده ڪنٽرول وڌيڪ مضبوط ڪن ٿا ته متان اُهي وسيلا سندن هٿن مان نڪري نه وڃن. اقتدار يا حڪمراني جيئن ته وسيلن جي ورهاست جو مکيه هٿيار آهي اُن ڪري ان تي به وسيلن واريون ڌريون هر صورت ۾ پنهنجو قبضو رکڻ گهرنديون آهن. ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن اقتدار سندن هٿن مان ويو ته وسيلن جي مالڪي ۽ ڪنٽرول جي ختم نه ته ڍِرو ٿي سگهي ٿو. اُن ڪري ميڊيا تي انهن طاقتور ڌُرين جو ڪنٽرول آهي، جيڪي طئي ڪنديون آهن ماڻهو ڇا ڳالهائين، ڇا ٻڌن، ڇا ڏسن، ڇا هنڊائين. ڇا کائين ۽ پيئن، ڇا تفريح ڪن، ڪهڙو ڪلچر اختيار ڪن؟ ايتري قدر جو اهي ئي فيصلو ڪندا آهن ته ڇا اهم آهي ۽ ڇا غير اهم. سندن پوري ڪوشش اِها هوندي آهي انهن سڀني شين جي ذريعي سندن وسيلن، ڪنٽرول ۽ حڪومت ۾ واڌ اچي، ڪنهن به صورت ۾ انهن ۾ ڪمي نه اچي. اُن ڪري ميڊيا ۽ ان جي پاليسين کي پرکڻ ۽ پرجهڻ لاءِ هن ڇڪتاڻ کي سمجهڻ ضروري آهي.

مختلف ماڻهو ميڊيا جي مواد جي تشريح مختلف ڪندا آهن. توهان ميڊيا جي ڪنهن پراڊڪٽ  پيغام مان جيڪا معنيٰ ڪڍو ٿا، توهان جا ٻار، دوست يا ساٿي ان کان مختلف معنائون ڪڍي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ جو اسين پنهنجي جنس، نسل، طبقي، تعليم، جنسي رجحانن وغيره جي ڪري پنهنجي منفرد حيثيت سان ميڊيا جي مواد مان معنائون وٺون ٿا. اهي ڳالهيون جڏهن گڏ ٿين ٿيون ۽ ان جي نتيجي ۾ توهان کي جيڪي تجربا ٿين ٿا، ان مان پتو لڳائي سگهبو ته توهان ميڊيا جي پيغامن کي ڪيئن سمجهندا ۽ ان جو اظهار ڪيئن ڪندؤ؟

بنهه ائين به ڪونهي ته ميڊيا ذريعي ايندڙ سمورا پيغام نقصانڪار آهن. ميڊيا جي ذريعي ئي اسين پنهنجي پاڻ کي ملڪ توڙي دنيا ۾ پيش ايندڙ واقعن، حالتن، سائنسي، سماجي، ثقافتي طور سياسي ترقي بابت اپ ڊيٽ (Update) ڪيون ٿا. ان ڪري ميڊيا جو استعمال اڻٽر ۽ لازمي آهي. هتي اها ڳالهه اهم آهي ته اسين رڳو ميڊيا جي پراڊڪٽ ۽ پيغام کي سمجهون ۽ ان سان پنهنجي ڪم جي ڳالهه کڻي وٺون، ان ڪري ميڊيا ۾ ڪم ڪندڙ نوجوان، خاص ڪري سيکڙاٽن لاءِ پڻ ميڊيا استعمال ڪندڙن لاءِ اهو ضروري آهي ته هو اهو سمجهن ته ميڊيا ڇا آهي؟ ان ۾ پيغام ڪيئن جوڙيو ويندو آهي؟ ان مان پيغام جوڙيندڙ جي مراد ڇا آهي؟

ميڊيا هڪ ڪاروبار آهي، گهڻي ڀاڱي ميڊيا ڪاروباري فائدن جي ڪنٽرول هيٺ آهي. اُن جي هڪ منطق اِها آهي ته پئسو تيزي سان ميڊيا کي هلائڻ جو بنيادي جُزو بڻجي ويو آهي. ٻيو اهو ته ميڊيا خود هڪ انڊسٽري بڻجي ويئي آهي، جنهن ۾ نفعو ڪمائڻ بنيادي جزُو بڻيل آهي. اها ڳالهه ميڊيا ۾ ٺهندڙ پيغام، ان جي ڏسندڙن (Audience) جي تعليم ڪري ٿي. ميڊيا پراڊڪٽ لاءِ ڪهڙي مارڪيٽ ٿي سگهي ٿي؟ ان کي اسپانسر يا مالي سپورٽ ڪرڻ لاءِ ڪهڙيون صنعتون ۽ ادارا ٿي سگهن ٿا. ٻيو اهو ته ميڊيا ڇاڪاڻ جو وڏي پئماني تي زندگي جي هر شعبي تي اثرانداز ٿئي ۽ ان ڪري ان کي ڪنٽرول ڪرڻ يا ان کي پنهنجي اثر هيٺ رکڻ ضروري آهي. ڊاڪٽر بشير ميمڻ ان طرف اشارو ڪري ٿو ته جيئن ته ميڊيا انڊسٽري آهي، ان ۾ ڪم ڪندڙن کي ڪم جو اُجورو يعني پگهارون ملڻ گهرجن. ليبر قانون به لاڳو ٿيڻ گهرجن ۽ حڪومت طرفان صحافين جي ورڪنگ ڪنڊيشن بابت جوڙيل قانوني ۽ ويج بورڊ ايوارڊ تي به عمل ٿيڻ گهرجي. اهڙن قانونن تي عمل نه ٿيندو ته صحافت ۾ لازمي برايون اينديون.

انهن سمورين ڳالهين کي سامهون رکندي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ميڊيا ۾ ڪم ڪندڙ خاص طور تي ننڍن شهرن جا رپورٽر ۽ عام پڙهندڙ ۽ ڏسندڙ ميڊيا کي تنقيدي طور سمجهي سگهن ٿا؟ ميڊيا کي تنقيدي طور سمجهڻ ۽ ان جو جائزو وٺن اڄ جي دنيا جو اهم ئي نه پر ضروري هنر آهي. ان هنر جي ذريعي ئي ميڊيا جي پيغامن جي نه رڳو سطحي يا بظاهر مواد کي سمجهڻ بلڪه ٻاهرين سطح تي هيٺيان لِڪل ۽ گهري معنيٰ کي سمجهڻ اڄ جي زندگي جو اهم هنر آهي جنهن کي لائيف اسڪل به چئي سگهجي ٿو.

اڄ انٽرنيٽ ۾ اينڊرائيڊ موبائل جي ڪري هر ڳوٺ، ننڍي توڙي وڏي شهر تائين رسائي آهي ۽ اتي ميڊيا جو رپورٽر موجود آهي، يا وري سوشل ميڊيا جي ڪري هر ڪو پنهنجي Status تي ڪجهه لکي ٿو، ڪمينٽ ڪري ٿو ۽ ويڊيو يا تصوير شيئر ڪري ٿو. ائين هو پاڻ ميڊيا جي مواد جو پيدا ڪندڙ(Content Creator)  يا پروڊيوسر آهي. ان کي سمجهڻ گهرجي ته هو ڪهڙي پسمنظر ۾ ڪهڙو پيغام ڏيئي رهيو آهي ۽ اُن جا اثر ڪهڙا پوندا؟

ميڊيا جا مختلف ذريعا ٽي وي چئنل، انٽرنيٽ، سوشل ميڊيا، اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب ڀانت ڀانت جي ڄاڻ ۽ ٻيو مواد ڏين ٿا. هتي هڪ سوال اهو به آهي ته توهان کي ميڊيا جا اهم ذريعا ۽ قسم ڳولڻا پوندا جيڪي توهان کي گهربل يا توهان جي لاءِ ڪارائتي ڄاڻ ۽ ٻيو مواد ڏين ٿا. توهان وٽ اهو هنر ۽ علم هجڻ گهرجي ته توهان جي ميڊيا جي پيغامن جي سچائي، درستگي ۽ توهان سان لاڳاپيل هجڻ جو فيصلو ڪري ۽ پنهنجي لاءِ ڪارائتو ۽ لاڀائتو ميڊيا جو ذريعو چونڊي سگهو.

دراصل اهي سمورا پيغام سماجي حقيقتن ۽ مظهرن جي نمائندگي ڪندا آهن، ماهرن چواڻي ته هر پيغام دنيا جي هڪ تصوير پيش ڪري ٿو. ڏسڻو اهو آهي ته تصوير ۾ ڏنل دنيا، هن دنيا سان ڪيترو ٺهڪندڙ آهي جنهن ۾ اسين ۽ توهان رهون ٿا.

هر پيغام جو مقصد هوندو آهي، اهي مقصد سماجي، سياسي، تاريخي ٿي سگهن ٿا. اهي ئي مقصد اصل ميڊيا جي پيغام جو ڪارڻ هوندا آهن. گهڻو ڪري پيغام ۾ هڪ کان وڌيڪ مقصد هوندا آهن جيڪي ماڻهن جي مختلف ضرورتن ۽ ذوق کي پورو ڪندا آهن يا ان جي تسڪين ڪندا آهن. ڪا پراڊڪٽ وڪڻڻ ڪنهن کي خوش ڪرڻ يا پرچائڻ، معلومات ڏيڻ، تفريح وغيره. اهوئي سبب آهي ته اڄ جي دنيا ۾ انفوسٽمينٽ نالي جي نئين صنف وجود ۾ آئي آهي، يعني ان ۾ معلومات به آهي ۽ تفريح به، يا ان کان مٿي به گهڻو ڪجهه.

پيغامن جون منفرد شڪليون هونديون آهن، ٻوليءَ، علامتون، اشارا، رنگ ۽ ٻيون انيڪ خصوصيتون ۽ پيغام جو ڪهڙو قسم آهي، ان جو فيصلو ان ۾ استعمال ٿيل تصوير، زبان، علامتن، ميوزڪ، ڪردارن، ان ۾ ٽنبيل ڪهاڻي جي ذريعي ٿي سگهندو آهي. ياد رهي ته رڳو ويڊيو يا تصوير جي صورت ۾ ان جو پس منظر (Back Ground)  به پيغام جي قسم بابت فيصلي ڪرڻ لاءِ اهم هوندو آهي. ڪنهن قدرتي منظر جي بيڪ گرائونڊ سان فلمايل گانو ۽ ساڳيو گانو ڪنهن ويراني ۾ يا وري ڪنهن قبرستان ۾ فلمايل مختلف تاثر ڏيندو، پوءِ کڻي گاني جا ٻول توڙي موسيقي ساڳيا ئي هجن.

ليکڪ ميڊيا بابت هڪ نهايت اهم موِضوع تي ڏاڍي ڪارائتي ڳالهه ڪئي آهي. سندس خيال ۾ فيڪ نيوز پڙهندڙ ۽ صحافي جي وچ ۾ قائم اعتبار جي رشتي کي ختم ڪري ڇڏي ٿي. پوءِ رڳو اها خبر ئي فيڪ نه هوندي پر خود اها خبر ڏيڻ وارو صحافي به فيڪ ٿي ويندو. تازه انگن اکرن موجب صحافين لاءِ پاڪستان به خطرناڪ ترين ملڪ بڻجي ويو آهي. گذريل پنجن سالن ۾ 65 صحافي قتل ٿيا آهن. جڏهن ته صحافين جو هڪ وڏو انگ اهڙو به آهي جيڪي سرڪاري يا بااثر خانگي ماڻهن جي ڏاڍ يا دٻاءُ جو شڪار ٿيا آهن. ڊاڪٽر بشير ميمڻ جو چوڻ آهي ته ڇاڪاڻ جو صحافين خلاف ڪارروائي ڪندڙ وٽ ايترو وقت ئي نه هوندو آهي جو لکڻ واري جو ڏنل خيال دلچسپي سان پڙهن ۽ هانوَ سان هنڊائين. سندس چوڻ آهي ته ڪابه ”خبر“ تيستائين خبر ناهي جيستائين ان ۾ گهڻ پاسائي ڄاڻ ناهي، ان ڄاڻ جي ڇنڊڇاڻ ٿيل ناهي ۽ اها ڪنهن ّذميوار ماڻهو جي هٿن مان نٿي گذري يعني ايڊٽ ٿي ٿئي، صرف اُن بعد اها خبر عام ڪرڻ جهڙي يا عام ماڻهن تائين پهچڻ جهڙي ٿئي ٿي. انهي ڪري ئي اخبار کي غريبن جي يونيورسٽي چيو ويندو آهي. ان حساب سان هن پيشي سان واڳيل ماڻهو انهن غريبن جي يونيورسٽي جا استاد آهن. کين اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته اهي غريبن يعني عام ماڻهو کي ڇا سيکاري رهيا آهن؟

ڊاڪٽر ميمڻ جو هي ڪتاب بظاهر ننڍڙو آهي پر شامل موضوع ۽ انهن تي ٿيل بحث توڙي اٿاريل سوال وڏا آهن، اُن ڪري آئون صلاح ڏيندس ته سنڌ جا سمورا صحافي توڙي صحافت پڙهندڙ شاگرد هي ڪتاب دلچسپيءَ سان پڙهن ۽ پنهنجي هانوءَ سان هنڍائين.

 

پهرئين سيپٽمبير 2023ع                                                           سهيل سانگي

======================================

          انٽرنيٽ ۽ جديد اليڪٽرانڪ ٽيڪنالاجي اچڻ بعد صورتحال اِها آهي ته اسان تي روز سوين ڇا، هزارين ميڊيا جي پيغامن جي بيماري ٿي رهي آهي. پرنٽ ميڊيا کان وٺي ٽيليويزن چئنل تائين انٽرنيٽ جي ويب سائيٽن کان وٺي سوشل ميڊيا تائين، کن پل ۾ قسمين قسمين پيغامن جو وسڪارو آهي. انهن مان ڪجهه پيغامن کي سڃاڻڻ سولو آهي، ڇاڪاڻ جو اهي سڌا پيغام هوندا آهن پر گهڻا پيغام اهڙن ورن وڪڙن، رنگن ۽ پردن ۾ ويڙهيل هوندا آهن جن کي سڃاڻڻ مشڪل هوندو آهي. اسان ڄاڻون ٿا ته ٽي وي، انٽرنيٽ توڙي ريڊيو ۽ اخبارن اشتهار مختلف پراڊڪٽس (مصنوعات) وڪڻڻ لاءِ ڏنا ويندا آهن. اهي اشتهار ميڊيا ڏسندڙ کي هرکائڻ، انهن جو ڌيان ڇڪائڻ ۽ آماده ڪرڻ لاءِٰ ائين ٺاهيدا ويندا آهن. اهي اشتهار ميڊيا ڏسندڙ کي هر کاڻڻ، انهن  جو ڌيان ڇڪائڻ ۽ آماده ڪرڻ لاءِ ائين ٺاهيا ويندا آهن جو اُهي دلچسپ ۽ وڻندڙ هجن. قلمن ۽ ڊرامن جا اشتهار توڙي ٽيزر (Teaser) اسان کي اهي فلمون ۽ ڊراما ڏسڻ تي آماده ڪرڻ لاءِ ٺاهيدا ويندا آهن. ڇا توهان انهن اشتهارن کي ڪڏهن تنقيدي نظر سان ڏٺو آهي؟ غور ڪندا ته اُهي اسان کي ڪنهن طرح سان قائل يا مائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.

اهي ته ٿيا سڌا پيغام، پر ميڊيا جا ٻيا پيغام ايترو چٽا نه هوندا آهن انهن ۾ قائل يا مائل ڪرڻ جو پيغام لڪل هوندو آهي، غير محسوس طريقي سان هوندو آهي.

ڪي ماڻهو اخبار نٿا پڙهن، ٽي وي باقاعدگي سان ڏسڻ سندن خيال آهي ته اهي ميڊيا جي انهن پيغامن ۽ ان جي اثرن کان بچيل آهن. اڄ جيڪي ماڻهواخبارون نٿا پڙهن ۽ ٽي وي چئنل نٿا ڏسن اهي فيس فُڪ، ٽوئٽر يا يوٽيوب ايتري قدر جو واٽس اپ جي استعمال ذريعي ميڊيا جي پيغامن جي وڪڙ ۾ اچي وڃن ٿا. خود موبائيل فون جو استعمال به ماڻهو کي انهن پيغامن جي  لپيٽ ۾ آڻي ڇڏي ٿو. اڳو ايترو ئي ناهي، اهڙا ماڻهو بهرحال هن سماج ۽ ان ۾ رهندڙ ماڻهن سان لاڳاپيل آهن، جيڪي ميڊيا جي مختلف قسمن جو استعمال ڪن ٿا. اهڙن ماڻهن جي ذريعي ٻين ماڻهن تائين ميڊيا جي پيغام ۽ ان جا اثر پهچن ٿا. اهڙي صورت ۾ اِهي پيغام بگڙيل شڪل ۾ پهچن ٿا. ڇاڪاڻ جو پهريون دفعو جيڪو ماڻهو ميڊيا ڏسي ٿو ۽ ان جو پيغام ٻڌي ٿو ته اُتي ٽن کان وڌيڪ شرط لاڳو ٿي وڃن ٿا. پهريون اهو ته هن ڪهڙي ماحول ۾ اهو پيغام ٻڌو/ڏٺو؟ ٻيو اهو ته هن اهو پيغام ڪيترو سمجهيو، ٽيون اِهو ته جيترو به سمجهيو ان کي اوترو ئي بيان ڪري سگهيو آهي يا نه؟

انهي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اڄ جي دؤر ۾ وڏي پيماني تي موجود ميڊيا ڪيتري اهم ۽ پُر اثر آهي.

هتي اهو سمجهڻ ضروري آهي ته خبر هجي يا ڪا فلم يا گانو، يا وري ميڊيا ۾ موجود ٻيءَ ڪا صنف ان ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ انساني نفسيات جي گهري ڄاڻ جو جهجهو ۽ ماهراڻي طريقي سان استعمال ڪيو ويندو آهي. رنگ، منظر، پس منظر، ڪردار، ويس وڳا، ٻول، چمڪ، ڌمڪ، ميوزڪ انهن سڀني ۾ استعمال ٿيل ترتيب هڪ خاص ماحول ٺاهيندي آهي ۽ خاص پيغام جوڙيندي آهي. ان ڪري ميڊيا جي مختلف پراڊڪٽس ۾ لڪل يا غير محسوس طريقي سان سمايل پيغامن جو پتو لڳائڻ ڏکيو ڪم آهي. ڪيترائي ماڻهو انٽرنيٽ تي موجود هر شيءَ کي حقيقت طور قبول ڪندا آهن ته ماڻهن جو ڪجهه حصو اهڙو به آهي جيڪو انٽرنيٽ تي موجود سمورين شين کي بنهه غير حقيقي قرار ڏيندا آهن. اهي ٻئي گروپ سؤ سيڪڙو صحيح ناهن. پهرين ڌُر اهو وساري ٿي ويهي ته انٽرنيٽ تي ڪوبه دربان يا گيٽ ڪيپر ناهي. ٿئي ائين پيو جنهن کي جيڪا شيءِ وڻي انٽرنيٽ تي رکيو ويٺو آهي. حقيقي دنيا اها آهي ته مذهب، اقتدار توڙي وسيلن تي ڪنٽرول سياست کي وڌيڪ ڪٽر ئي بڻائي ڇڏيو آهي، مذهبي عقيدن وارا ماڻهو پنهنجا هم خيال پيدا ڪرڻ جي دؤر ۾ رُڌل آهن ۽ وسيلن تي ڪٽرول وارا ۽ وڌيڪ وسيلا هڙوس ڪرڻ ۽ پنهنجو موجود ڪنٽرول وڌيڪ ڪن ٿا ته متان اُهي وسيلن سندن هٿن مان نڪري نه وڃن. اقتدار جا حڪمراني جيئن ته وسيلن جي ورهاست جو مکيه هٿيار آهي اُن ڪري ان تي به وسيلن واريون ڌريون هر صورت ۾ پنهنجو قبضو رکڻ گهرنديون آهن. ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن اقتدار سندن هٿن مان ويو ته وسيلن جي مالڪي ۽ ڪنٽرول جي ختم نه ته ڍرو ٿي سگهي ٿو. اُن ڪري ميڊيا تي انهن ڏاڍاين ورين جو ڪنٽرول آهي، جيڪي طئي ڪنديون آهن ماڻهو ڇا ڳالهائين، ڇا ٻڌن، ڇا ڏسن، ڇا هنڊائين. ڇا کائين ۽ پيئن، ڇا تفريح ڪن، ڪهڙو ڪلچر اختيار ڪن؟ ايتري قدر جو اهي ئي فيصلو آهن ته ڇا اهم آهي ۽ ڇا غير اهم. سندن پوري ڪوشش اِها هوندي آهي انهن سڀني شين جي ذريعي سندن وسيلن، ڪنٽرول ۽ حڪومت ۾ واڌ اچي، ڪنهن به صورت ۾ انهن ۾ ڪمي نه اچي. اُن ڪري ميڊيا ۽ ان جي پاليسين کي پرکڻ ۽ پرجهڻ لاءِ هي ڇڪتاڻ کي سمجهڻ ضروري آهي.

مختلف ماڻهو ميڊيا جي مواد جي تشريح مختلف ڪندا آهن. توهان ميڊيا جي حوا ۾ پيغام مان جيڪا معنيٰ ڪڍو ٿا، توهان جا ٻار، دوست يا ساٿي ان کان مختلف معنائون ڪڍي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ جو اسين پنهنجي جنس، نسل، طبقي، تعليم، جنسي رجحانن وغيره جي ڪري پنهنجي منفرد حيثيت سان ميڊيا جي مواد مان معنائون وٺو ٿا. اهي ڳالهيون جڏهن گڏ ٿين ٿيون ۽ ان جي نتيجي ۾ توهان کي جيڪي تجربا ٿين ٿا، ان مان پتو لڳائي سگهبو ته توهان ميڊيا جي پيغامن کي ڪيئن سمجهندا ۽ ان جو اظهار ڪيئن ڪندو؟

بنهه ائين به ڪونهي ته ميڊيا ذريعي ايندڙ سمورا پيغام نقصانڪار آهن. ميڊيا جي ذريعي ئي اسين پنهنجي پاڻ کي ملڪ توڙي دنيا ۾ پيش ايندڙ واقعن، حالتن، سائنسي، سماجي، ثقافتي طور سياسي ترقي بابت اپ ڊيٽ ٿيون ٿا. ان ڪري ميڊيا جو استعمال اڻ ٽر ۽ لازمي آهي. هتي اها ڳالهه ته اسين رڳو ميڊيا جي پراڊڪٽ ۽ پيغام کي سمجهون ۽ ان سان پنهنجي ڪم جي ڳالهه کڻي وٺون، ان ڪري ميڊيا ۾ ڪم ڪندڙ نوجوان، خاص ڪري سيکڙاٽن لاءِ پڻ ميڊيا استعمال ڪندڙن لاءِ اهو ضروري آهي ته هو اهو سمجهن ته ميڊيا ڇا آهي؟ ان ۾ پيغام ڪيئن جوڙيو ويندو آهي؟ ان مان پيغام جوڙيندڙ جي مراد ڇا آهي؟

ميڊيا هڪ تصوراتي دنيا ٺاهي ٿي، هونئن ميڊيا هڪ خوشگوار تفريحي يا معلوماتي سرگرمي ٿي سگهي ٿي، پر اهو سمجهڻ به ضروري آهي ته اها ڪنهن حد تائين نقصانڪار به ٿي سگهي ٿي. مثال طور جوا يا سگريٽ بابت ميڊيا جا پيغام ۽ اشتهار عام طور تي تفريح، دلچسپ سرگرمي ۽ ڪنهن منظر جي حصي طور پيش ڪيا وڃن. پر هتي انهن سنگين مسئلن کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي جيڪي اڪثر اهڙي مواد جي ميڊيا تي اچڻ جي نتيجي ۾ پيش اچن ٿا.

ادب توڙي ميڊيا ۾ فئنٽاسي ذهني اڏام جو ڪم ڏيندي آهي، پر اُن کي سڃاڻڻ ۽ ان کي حقيقت سان ڀيٽي گڏ کڻي تعميري طور طريقي سان ڳنڍڻ جي صورت ۾ ئي ميڊيا پڙهندڙ يا ڏسندڙ لاءِ فائديمند ٿي سگهي ٿي. ٻي صورت ۾ اها ميڊيا واپرائيندڙ کي بنهه خيالي دنيا ۾ کڻي ويندي.

ميڊيا هڪ ڪاروبار آهي، گهڻي ڀاڱي ميڊيا ڪاروباري فائدن جي ڪنٽرول هيٺ آهي. اُن جي هڪ منطق اها آهي ته پئسو تيزي سان ميڊيا کي هلائڻ جو بنيادي جُزو بڻجي ويو آهي. ٻيو اهو ته ميڊيا خود هڪ انڊسٽري بڻجي ويئي آهي، جنهن ۾ نفعو ڪمائڻ بنيادي جزُو بڻيل آهي. اها ڳالهه ميڊيا ۾ ٺهندڙ پيغام، ان جي ڏسندڙن Audience جو تعيم ڪري ٿي. ميڊيا پراڊڪٽ لاءِ ڪهڙي مارڪيٽ ٿي سگهي ٿي؟ ان کي اسپانسر يا مالي سپورٽ ڪرڻ لاءِ ڪهڙيون صنعتون ۽ ادارا ٿي سهگن ٿا. ٻيو اهو ته ميڊيا ڇاڪاڻ جو وڏي پئماني تي زندگي جي هر شعبي تي اثرانداز ٿئي ۽ ان ڪري ان کي ڪنٽرول ڪرڻ يا ان کي پنهنجي اثر هيٺ رکڻ ضروري آهي، اُن ڪري نقطي تي اسين مٿي ڳالهه ڪري آيا آهيون.

انهن سمورين ڳالهين کي سامهون رکندي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا ميڊيا ۾ ڪم ڪندڙ خاص طور تي ننڍن شهرن جا رپورٽر ۽ عام پڙهندڙ ۽ ڏسندڙ ميڊيا کي تنقيدي طور سمجهي سگهي ٿو؟ ميڊيا کي تنقيدي طور سمجهڻ ۽ ان جو جائزو وٺن اڄ جي دنيا جو اهم ئي نه پر ضروري هنر آهي. ان هنر جي ذريعي ئي ميڊيا جي پيغامن جي نه رڳو سطحي يا بظاهر مواد کي سمجهڻ بلڪه ٻاهرين سطح تي هيٺيان لڪل ۽ گهري معنيٰ کي سمجهڻ اڄ جي زندگي جو اهم هنر آهي جنهن کي لائيف اسڪل به چئي سگهجي ٿو.

اڄ انٽرنيٽ ۾ اينڊرائيڊ موبائل جي ڪري هر ڳوٺ، ننڍي توڙي وڏي شهر تائين رسائي آهي ۽ اتي ميڊيا جو رپورٽر موجود آهن، يا وري سوشل ميڊيا جي ڪري هر ڪو پنهنجي Status تي ڪجهه لکي ٿو، ڪمٽمينٽ ڪري ٿو ويڊيو يا تصوير شيئر ڪري ٿو. ائين هو پاڻ ميڊيا جي مواد جو پيدا ڪندڙCreator  يا پروڊيوسر آهي. ان ڪري رپورٽت توڙي سوشل تي ڪجهه لکي يا شيئر ڪري حصو وٺي ان کي سمجهڻ گهرجي ته هو ڪهڙي پسمنظر ۾ ڪهڙو پيغام ڏيئي رهيو آهي۽ اُن جا اثر ڪهڙا پوندا.

ميڊيا جا مختلف ذريعا ٽي وي چئنل، انٽرنيٽ، سوشل ميڊيا، اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب ڀانت ڀانت جي ڄاڻ ۽ ٻيو مواد ڏين ٿا. هتي هڪ سوال اهو به آهي ته توهان کي ميڊيا جا اهم ذريعا ۽ قسم ڳولڻا پوندا جيڪي توهان کي گهربل يا توهان جي لاءِ ڪارائتي ڄاڻ ۽ ٻيو واد ڏين ٿا. توهان وٽ اهو هنر ۽ علم هجڻ گهرجي ته توهان جي ميڊيا جي پيغامن جي سچائي، درستگي ۽ توهان سان لاڳاپيل هجڻ جو فيصلو ڪري ۽ پنهنجي لاءِ ڪارائتو ۽ لاڀائتو ميڊيا جو ذريعو چونڊي سگهو.

دراصل اهي سمورا پيغام سماجي حقيقتن ۽ مظهرن جي نمائندگي ڪندا آهن، ماهرن چواڻي ته هر پيغام دنيا جي هڪ تصوير پيش ڪري ٿو. ڏسڻو اهو آهي ته تصوير ۾ ڏنل دنيا، هن دنيا سان ڪيترو ٺهڪندڙ آهي جنهن ۾ اسين ۽ توهان رهون ٿا.

هر پيغام جو مقصد هوندو آهي، اهي مقصد سماجي، سياسي، تاريخي مقصد ٿي سگهن ٿا. اهي ئي مقصد اصل ميڊيا جي پيغام جو ڪارڻ هوندا آهن. گهڻو ڪري پيغام ۾ هڪ کان وڌيڪ مقصد هوندا آهن جيڪي ماڻهن جي مختلف ضرورتن ۽ ذوق کي پورو ڪندا آهن يا ان جي تسڪين ڪندا آهن. ڪا پراڊڪٽ وڪڻڻ ڪنهن، خوش ڪرڻ يا پرچائڻ، معلومات ڏيڻ، تفريح وغيره. اهوئي سبب آهي ته اڄ جي دنيا ۾ انفوٽينمينٽ نالي جي نئين صنف وجود ۾ آئي آهي، يعني ان ۾ معلومات به آهي ۽ تفريح به، يا ان کان مٿي به گهڻو ڪجهه.

پيغامن جون منفرد شڪليون هونديون آهن، ٻوليءَ علامتون، اشارا، رنگ ۽ ٻيون انيڪ خصوصيتون، پيغام جو ڪهڙو قسم آهي، ان جو فيصلو ان ۾ استعمال ٿيل تصوير، زبان، علامتن، ميوزڪ، ڪردارن، ان ۾ ٽنبيل ڪهاڻي جي ذريعي ٿي سگهندو آهي. ياد رهي ته رڳو ويڊيو يا تصوير جي صورت ۾ ان جو پس منظر يا بئنڪ رائونڊ به پيغام جي قسم بابت فيصلي ڪرڻ لاءِ اهم هوندو آهي. ڪنهن قدرتي منظر جي بيڪ گرائونڊ سان فلمايل گانو، يا ڪنهن ويراني ۾ يا وري ڪنهن قبرستان ۾ فلمايل گانو مختلف تاثر ڏيندو، پوءِ کڻي گاني جا ٻول ساڳيا ئي هجن.

No comments: