Thursday, April 4, 2024

ڪالم نگاري ۽ شبنم گل

 

ڪالم نگاري ۽ شبنم گل

 Preface for Shabnam Gul book

        آرٽيڪل ۽ ڪالم ۾ اهو فرق آهي جو آرٽيڪل ۾ ذاتي راءِ گهٽ هوندي آهي جڏهن ته ڪالم سڄو ذاتي راءِ تي ٻڌل هوندو آهي.

ڪالم هڪ اهڙي صحافتي صنف آهي، جيڪا اخبار يا ميگزين ۾ هڪ ئي سري/عنوان هيٺ باقاعدگي سان شايع ٿئي. اها صنف تازن واقعن ۽ حالتن تي ٽيڪا ٽپڻي لاءِ آهي جنهن مان لکندڙ جي سوچ ۽ فڪر سان گڏوگڏ ان جي شخصيت پڻ بَکندي آهي. اهو اظهارِ خيال ضروري ناهي ته ڪنهن هڪ موضوع تي هجي، بلڪه اهو زندگي کي بحيثيت مجموعي به زيرِ بحث آڻي سگهي ٿو.

        ڪالم جو انداز مزاحيه يا غير سنجيده به ٿي سگهي ٿو ۽ سنجيده به. اهو به ممڪن آهي ته ان ۾ اخلاقيات، نصيحتون يا ٻيا دلچسپ معاملا هجن. ڪالم لکڻ واري جي ذاتي ذوق ۽ نقطه نظر جو عڪس هوندو آهي. پوءِ اهو موضوع کڻي عورتن جو فيشن هجي، پرڏيهي پاليسي يا وري مهنگائي وغيره. ان ڪري ڪالم ۾ ليکڪ جي مضبوط راءِ هجڻ ضروري آهي. مستقل عنوان هيٺ ڪالم نگار تازن حالتن ۽ واقعن جي تناظر ۾ پنهنجي خيالن ۽ (ڪڏهن ڪڏهن) جذبن جو اظهار ڪري ٿو. تنهنڪري ڪالم کي ڪو خاص اسلوب ۾ پابند نٿو ڪري سگهجي. فرينچ فطرت پسند جو اهو چوڻ ڪالم تي صحيح لاڳو ٿئي ٿو ته Style is the man هر ماڻهو ٻئي کان مختلف آهي. ان ڪري هو جيڪو ڪجهه لکي ٿو سو سندس اسٽائيل آهي. ڪنهن زماني ۾ ڪالم تي ليکڪ جي صحيح لازمي سمجهي ويندي هئي. انگريزي جي مشهور اديب آسڪروائلڊ ٽيليگراف اخبار کي خط لکيو ته منهنجي اسٽائل مان ئي معلوم ٿي ويندو ته اها ڪنهن جي لکڻي آهي، ان کي صحيح جي ضرورت ناهي.

        ڪالم جو اسلوب جيئن ته سنجيده، مزاحيه، طنزيه، غير سنجيده کان وٺي ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. ان ڪري ڪنهن ڏاهي لکيو هو ته ان کي سمجهڻ جو دائرو مونا ليزا جي مسڪراهٽ جيان وسيع آهي.

        مٿي ذڪر ڪيل ڳالهين مان لڳي ٿو ته جيترا لکڻ وارا اوترا اسٽائل. بهرحال ڪالمن کي ٿلهي ليکي ٻن طريقن سان ورهائي سگهجي ٿو هڪ موضوعاتي طريقي سان، ٻيو وري اسلوب يا اپروچ جي طريقي سان.

        ڪالم جو بنيادي مقصد معلومات ڏيڻ، خبر يا معلومات جي تشريح ڪرڻ، سمجهائڻ يا وضاحت ڪرڻ، خبر يا واقعي جي اهميت ۾ ان جي اثرن کان آگاهه ڪرڻ واقعي جو پس منظر ڏيندي اهو ڏيکارڻ ته اهو ڪو اڪيلو واقعو آهي يا هڪ پيٽرن آهي. ۽ ٻيا به اهڙا واقعا آهن. ائين ان ڳالهه جي نشاندهي ڪرڻ ته اهو ڪهڙي ريت پڙهندڙ تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو. ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته ڪالم جو بنيادي ڪم جيتوڻيڪ تفريح مهيا ڪرڻ سمجهيو وڃي ٿو. پر جيئن ته هڪ خاص انداز سان معلومات ڏي ٿو ۽ ان سان گڏوگڏ حالتن يا واقعن کي خاص ترتيب سان رکي ان جي تشريح ڪري نتيجا بيان ڪري. تنهنڪري بطور شارح جي ڪالم نگار خبر کي ڪنڊينس ڪري ٿو. واضح ۽ منطقي طريقي سان موثر جملن کي هڪ اسٽوري جي شڪل ڏي ٿو. جنهن سان پڙهندڙ هڪ راءِ جوڙي ٿو. ڪالم نگار اندرونِ خانه جي معلومات ڏي ٿو. ان ڪري راءِ جوڙڻ ۾ مدد ڏي ٿو سو به وري طنز مزاح، جملي بازي ۽ انداز بيان جي ذريعي، بلڪه ڪالم لاءِ اهو چيو ويندو آهي اهي شيون جيڪي اخبار ۾ خبر يا ٻئي ڪنهن فارميٽ ۾ شايع نٿيون ڪري سگهجن سي ڪالم جي ذريعي ڇاپي سگهجن ٿيون. ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته اهڙي راءِ آهي جنهن کي اخبار ۾ ٻئي ڪنهن هنڌ برداشت نٿو ڪري سگهجي. پر ان کي ڪالم ۾ ڪري سگهجي ٿو.

        ڪالم نگاري هڪ حد تائين تخليقي عمل آهي، ان ۾ مختلف محاورا، تشبيهون، تلحيمات ۽ تعبيرون هونديون آهن. استعارا هوندا آهن. شيڪسپيئر چوي ٿو ته ”منهنجي بهترين عادت اها آهي جو آءٌ پراڻن لفظن کي نئون ويس پارايان ٿو.“

مواد ڪٿان ٿو اچي؟

        ڪالم جو خيال اچڻ ڪو رومانٽڪ معاملو ناهي جو توهان دريءَ وٽ بيٺا هجو ۽ ڪالم جو آئيڊيا اچي ٿو وڃي. هڪ دفعو ڪالم بجلي جي چمڪ جيان اچي ٿو ۽ ان کان پوءِ کلندو وڃي ٿو. پوءِ ڪالم نگار لکڻ لڳي ٿو، ڪالم جو مواد تازين خبرن، مشاهدي، انٽرويوز، ماڻهن جي تحقيق، ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪتاب پڙهڻ خود ماڻهن ۽ حالتن کي پڙهڻ مان ملي ٿو. ڪالم لکڻ لاءِ صلح ڏيندڙن جو چوڻ اهي ته روزانو 2 سئو صفحا پڙهو. هڪ صفحو لکو. 21 شين جو مشاهدو ڪريو. ڪوشش ڪريو ته هر شيءَ جو مشاهدو ان نگاه کان ڪريو ته توهان کي ان تي ڪالم لکڻو آهي. چانهه جي ڪوپ جو به ائين اڀياس ڪريو ڄڻ ته توهان کي ان تي ڪالم لکڻو آهي. شروعات ڪٿان ڪرڻي آهي، ڳالهه کُٽائڻي ڪٿي آهي.

        ڪالم هڪ هلڪي ڦلڪي مزو ڏيڻ واري لکڻي آهي جنهن جو انداز اهڙو هوندو آهي، ڄڻ توهان چهنڊڙيون هڻي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪريو پيا. چرچن ڀوڳن ۽ لفظن سان کيڏو پيا. ڪنهن جي محرومي تي ٺٺولي ڪالم جي دائري ۾ نٿي اچي. اردو جو معتبر ڪالم نگار نصرالله خان چوي ٿو ته شوڪت ثانوي جو هڪ معذور شخص بابت خاڪو پڙهيو، جنهن ۾ هن لکيو هو ته ”هو ائين منڊڪائي پئي هليو ڄڻ ٽائيپ ڪندو هجي، ان ڏينهن کان مون شوڪت ثانوي کي پڙهڻ ڇڏي ڏنو.

ڪالم تڪڙ ۾ لکيو ويندو آهي، وقت گهٽ هوندو آهي.

ماڻهن کي تعليم ڏجي اهو وقت گذري ويو. پوءِ اهڙا ڪالم نويس آيا جيڪي عوام جي پويان هلڻ لڳا عوام ته ”اڙي-او“ پسند ڪندو آهي. ان ڪري اهڙا ڪالم نگار اهو چوڻ لڳا ته عوام کي ائين ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ان ڪري کين ائين ئي لکڻ گهرجي.

ڪالم نگار ڪير آهن؟

ڪالم نگار اهي هوندا آهن جيڪي پنهنجي ذات ۾ انجمن هوندا آهن، جن وٽ زندگي يا ڪنهن خاص شعبي جو تجربو يا مهارت هوندي آهي. جنهن کي هو حالتن سان ٺهڪائيندي عام فهم لفظن ۽ بيان سان لکي ٿو. هڪ انگريز نقاد چواڻي ته ڪالم نگاري درحقيقت هڪ سٺي شادي جيان آهي. لڳاتار محنت جو ڪم آهي، هڪ ئي ڌڪ ۾ لکڻ ايڏو سولو ڪم ناهي. هڪ سٺو ڪالم هر هفتي لکڻو آهي، ۽ پوءِ اهو سالن تائين جاري رکڻو آهي.

        وڏن ڪالم نگارن ۾ گڏيل قدر هوندو آهي سا آهي مستقل مزاجي. جيڪڏهن توهان ڪالم نگار ٿيڻ چاهيو ٿا ته محنت، مستقل مزاجي ۽ صبر توهان جي شخصيت جو حصو هجڻ گهرجي. ياد رکو ته ڪالم نگاري هلڪي آنچ تي پچڻ واري ڊش آهي. تڪڙ هرگز نه ڪريو.

ڪالم جا قسم

اسلوب جي حوالي سان ڪالم جا ٿلهي ليکي هي قسم آهن:

(1)          طنز مزاح (2) سنجيده (3) بحث مباحثو، ائڊوائيس ڪالم، تنقيدي راءِ، نقطه نظر يا خيالن جي ڏي وٺ، خبرن تي مختصر ٽيڪاٽپڻي، عوام جو آواز جنهن ۾ خلقِ خدا جي راءِ ۽ ڳالهيون شامل هجن، گاسپ (فضول ڳالهه ٻولهه) يا افواهه، گپ شپ پنهنجي اندر جي ڀڙاس ڪڍڻ. اهڙين صورتن ۾ ڪالم نگار پنهنجي ماضيءَ ۾ هليو ويندو آهي، پر ان لاءِ ضروري آهي ته هو ماڻهن جي دلچسپي کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي.

ڊائري ۾ سوال جواب

        ڪالم ليکڪ جي شخصيت کي ظاهر ڪري ٿو. اها ڳالهه کيس اجازت ڏي ٿي ته هو موضوع جي باري ۾ انوکي انداز ۽ خاص اسٽائل سان لکي. ڪالم نگار پنهنجي ڪالم کي ذاتي ٽچ ڏيڻ لاءِ هڪ کان وڌيڪ اپروچز استعمال ڪري سگهي ٿو.

مربوط انداز: عام طور تي سياسي ڪالمن ۾ نظر اچي ٿو، جنهن ۾ هڪ ئي موضوع تي ڳالهه ٿيندي آهي. هي اسٽائيل انهن ماڻن لاءِ بهتر آهي جيڪي هڪ ئي موضوع تي لکڻ چاهين ٿا.

وقعاتي اسٽائيل: ڪيئي متعلقه ۽ غير متعلقه واقعات ۽ ڪهاڻيون توڙي مشاهدا هڪ ڪالم اندر ڳنڍيا ويندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ڪالم نگار اڌ ڊزن کن واقعا ڪالم ۾ ڀري ڇڏيندو آهي پر انهن غير متعلقه حقيقتن جو ڪنهن نه ڪنهن طرح سان هڪ ٻئي تي انحصار هوندو آهي.

پڙهندڙن جو ڪالم

 

وڌيڪ واندن لاءِ ڪالم

ڪالم ۾ موضوع توهان جو آهي پر توهان ٻين کي خوش ڪرڻ لاءِ پنهنجي راءِ ڏيو ٿا، سفارش ڪريو ٿا.

        اردو ۾ ارشاد احمد حقاني جون لکڻيون خشڪ ڪالمن طور رتيون وينديون آهن. پر جيڪڏهن ڪو پڙهڻ شروع ڪري ته اڌ ۾ ڇڏڻ تي دل نه چوندي ۽ مستنصر حسين تارڙ وٽ ڪهاڻي بيان ڪرڻ جو انداز غضب جو آهي وڏي ڳالهه ته هو روز لکندو رهيو آهي.

توهان ڪو موضوع کڻو ٿا ته ان لاءِ ذهن ٺاهيو. دماغ گوگل سرچ انجڻ جيان واسطيدا معلومات ۽ واقعا ڳولڻ شروع ڪندو. هڪ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته پڙهندڙ پنهنجي لاءِ خوشگوار صبح گهري ٿو. ان لاءِ ضروري آهي ته ڪا دلچسپ وڻدڙ کل ڀوڳ واري ڳالهه سان ڪالم شروع ٿيڻ گهرجي. مثالطور توهان لکو ته اڄ صبح جو مون وٽ خميسو تيلي آيو هو. چوڻ لڳو ته انسان جيئي ڇو ٿو؟ هي به ڪو مشڪل سوال آهي. ظاهر آهي ته پنهنجي ٻارن لاءِ، پوءِ شيدا تلي، شيخ رشيد ڇو پيو جيئي؟

        جهڙي طرح مختصر ڪهاڻين ادب ۾ پنهنجي جڳهه والاري ورتي آهي. اهڙي طرح ڪالم نگاري جو به فن جنم وٺي چڪو آهي. مُنو ڀائي ڪالم نگاري جو ليجينڊ مڃيو وڃي ٿو. چوي ٿو ته ڪالم لاءِ چار شيون بنيادي آهن. مطالعو، تربيت، نظريو ۽ رويو. هو چيو ٿو ته زبان ۽ ايمان کانسواءِ توهان ڪالمسٽ نٿا ٿي سگهو. هو وڻ کي هڪ مثال طور پيش ڪري ٿو. هن وڻ کي ڪاٺير هڪ نظر سان ڏسندو، واڍو ٻي نظر سان، پکيءَ ٽئين نظر سان، مالي وري اڃا به مختلف نظر سان ڏسندو. سڀ پنهنجي پنهنجي ضرورت ۽ مزاج مطابق ان کي ڏسندا ۽ استعمال ۾ آڻيندا. ساڳيو حال قلمڪار جو اهي قلمڪار پنهنجي زاويه نگاه کان نديا آڏو حقيقتون بيان ڪندو آهي، ڪالم نگاري لاءِ فڪر ۽ ڪلچر جو شعور هجڻ ضروري آهي.

چراغ حسين حسرت، احمد نديم قاسمي، نصرالله خان، مجيد لاهوري، ابن انشاءَ، طفيل احمد جمالي، ابراهم جليس، انعام دراني.

        ڪالم نويسي جي شروعا 1841ع ۾ تڏهن ٿي جڏهن آمريڪي صحافي هويس گريسلي نيويارڪ ٽريبيون اخبار جاري ڪئي. هن خبر ۽ راءِ کي هڪ ٻئي کان الڳ ڪرڻ لاءِ راين لاءِ الڳ صفحو شروع ڪيو جيڪو اڳتي هلي اوپيڊ (Opposite Editorial Page)  جي نالي سان سڏجڻ لڳو. ان دور ۾ آمريڪي پريس سياسي حملن سان ڀريل هئي. انکان بچڻ لاءِ اوپينين پيج شروع ڪيو ويو.

دنيا ۾ ڪيترائي مشهور اديب جهڙوڪ ڊراڪولا جو ليکڪ برام اسٽروڪ، مشهور ناول نويس چارلس ڊڪنس، ارنسبٽ هينگوي، مارڪ ٽوئين، برنارڊشا صحافي ۽ ڪالم نگار رهيا.

آمريڪي ڪالم نگار والٽر ونچيل 1920 کان 1960 تائين سرگرم رهيو هن جو ڪالم 2 هزار اخبارن ۾ ڇپيو هو ۽ مجموعي طور تي سندس پڙهندڙن جو تعداد هڪ ڏينهن ۾ 50 ملين هو.

        سنڌ توڙي ننڍي کنڊ ۾ صحافت توڙي ڪالم نگاري انگريزن سان گڏ آئي سنڌي ۾ اخبارون نڪتيون ته ڪالم نويسي به شروع ٿي. شمس الدين بلبل سنڌي ڪالم نگارن جي شروعاتن نالن ۾ اهم آهي. هن پنهنجي ڪالمن ۾ طنز و مزاح سان معاشري ۾ موجود غلط ڳالهين، بدعتن ۽ ڪمزورين کي وائکو ڪيو. سندس 1896 کان 1915ع تائين لکيل مواد ”مزحيات“ جي نالي سان ڪتابي شڪل ۾ شايع ٿيو.هن جي صحافت جو نڍوڙ ”جام جم“ نالي ڇپيل ڪتاب ۾ به ملي ٿو.

        شيخ عبدالمجيد سنڌي جو ڪالم ”نعره مستانه“ آزادي کان اڳ توڙي پوءِ شايع ٿيندو رهيو. روزانه الوحيد، روزانه مهراڻ، روزانه سنڌ، ڪاروان ۽ عبرت ۾ شايع ٿيندو هو. سٺ ۽ ستر واري ڏهاڪي ۾ عبرت ۾ نور عباسي جو مزاحيه ڪالم ”واٽ ويندي“ مقبول ٿيو. شيخ عزيز جي ادارت جي شايع ٿيندڙ ”روزانه سنڌ نيوز“ ۾ علامه مستانو سيوهاڻي جو ”مستاني جو ڪالم“ ۽ ذوالفقار سيال جو ”سرخين جي درميان“ مقبو ٿيو.

        سراج ميمڻ جڏهن هلال پاڪستان جو ايڊيٽر ٿيو ته هن ڪيترن ئي ناميارن سنڌي اديبن کان اخبار لاءِ ڪالم لکايا جنهن ۾ امرجليل، قمر شهباز، رشيد ڀٽي جا نالا نمايان آهن. هلال پاڪستان عبدالڪريم سعدي ”جهاتيون“ جي نالي سان ڪالم لکندو هو جنهن ۾ پڙهندڙن جي راءِ به شامل هوندي هئي يا انهن جي سوالن جا جواب ڏنا ويندا هئا.

        ضياءَالحق جي آمريت جي خاتمي بعد جڏهن 88ع ۾ چونڊون ٿيون ته سنڌي ۾ نئين صحافت جنم ورتو. ان دور ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ”تاريخ ڳالهائي ٿي“، سلطانه وقاصي ”                 “، فقير محمد لاشاري جو ”متان وساريو“ قابل ذڪر آهن. ”متان وساريو“ اخبار جي پهرين صفحي تي چند سٽن تي ٻڌل هوندو هو. جنهن ۾ ڪا ڀرپور انداز ۾ ڳالهه ڪئي ويندي هئي، بعد ۾ انور پيرزادو عوامي آواز ۾ ”                    “، منظور سولنگي ۽ رحمت ماڃوٺي ڪاوش ۾ ڪجهه عرصي تائين جاري رکيو.

        يوسف شاهين جي جاري ڪيل روزانه ”برسات“سنڌي ۾ پهريون دفعو ڪالمن ۽ مضمونن لاءِ ڌار صفحو رکيو، جنهن ۾ بدر ابڙو ”وتايو سوچي ٿو“، شيخ اياز، آغا سليم، غلام نبي مغل، ناز سهتو، عبدالواحد آريسر ۽ ٻين ڪيترن ئي نون لکندڙ جي کيپ سامهون آئي.

        علي احمد بروهي ۽ علي محمد راشدي جي ادارت ۾ نڪرندڙ ستاره سنڌ جو ڪالم ”ملا لٽر“ مشهور هو. مفرح اڌملبوب پهرين سنڌي اخبار بدر ابڙو ”هي سين، هلال پاڪستان، زندگي جدوجهد اڻ ٿڪ سفر هلال پاڪستان، ”سنڌباد (هلال پاڪستان، وتايو سوچي ٿو برسات، آئيندو ڪاوش ۽ خبرون اخبارن ۾) بدر ڪڏهن ڪڏهن فرضي نالن شهباز لطيف، ترش، آديسي، تمر لاهوتي جي نالي سان لکيو.

        حافظ خير محمد اوحدي چواڻي ته صحافي لاءِ اديب هجڻ ضروري آهي. محمد هاشم مخلص ڪالم نگار هو، شيخ عبدالمجيد سنڌي تي سياسي حملا ڪيا هرڪو کائنس ڊڄندو هو ته کائنس مڙي لنگهي ۽ پٽڪو سلامت رهي.

        علي قاضي مزاحيه ۽ منحرف ڪالم نگار طور سڃاڻپ رکندڙ حليم بروهي کي روزانه ڪاوش لاءِ تيار ڪيو. ان کانپوءِ واري دور ۾ اسلم خواجه ”رولاڪ جي راءِ“ جي عنوان سان هلال پاڪستان ۾ ڪالم لکيا. اعجاز منگي هن دور جي ڪالم نگارن ۾ اهم نالو آهي.

        شبنم گل پنهنجي ڪالمن ۾ سماج ۾ موجود مائينڊ سيٽ کي بنياد بڻايو آهي. هوءَ ٻڌائي ٿي ته مختلف بنيادي يا حساس معاملن تي مجموعي طور اڄوڪو سنڌي سماج ڪيئن سوچي ٿو؟ ان جا ڪارڻ ڪهڙا آهن. ان جا زندگي جي مختلف شعبن جهڙوڪ سماجي، ثقافتي، معاشي، فڪري حوالي سان ڪهڙا اثر پون ٿا.

        بنگلاديش جا فراز ۽ عشرت ۾ شبنم فيس بُڪ جي وال تان عشرت جي نظم کان پنهنجي ڪالم جي شروعات ڪئي آهي. عشرت هولي آرٽيسن بيڪري ۾ مارجي ويل 28 ماڻهن مان هڪ هئي. هي ڪالم فيس بُڪ جي اسٽيٽس ۽ ان تي ٽيڪا ٽپڻي تي ٻڌل آهي.

        ”سنڌي ٻولي جو روشن مستقبل“ جي سري هيٺ لکيل ڪالم ۾ هو لکي ٿي سانا جي ڪنوينشن ۾ گهڻي ڀاڱي ٻولي جي اهميت ۽ بچاءُ تي ڳالهايو ويو پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته سنڌي مائرون پنهنجي ٻارن سان انگريزي ۾ گفتگو ڪري رهيون هيون.

        سنڌ جي اٻوجهه ماڻهن کي ڪيش ڪرائڻ جو هنر رهبر هر پل پنهنجي فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ هوشيار، هر تعلق ۾ هڪ وڌيڪ نمايان وٿي نظر اچي ٿي. چاهي اهو تعلق عوام ۽ چونڊيل نمائندن ۾ هجي، ڀٽڪيل قافلا هجن يا سندن رهنما، هرڪو ٻئي کان غافل پنهنجي ڌن ۾ نه ڄاڻ ته ڪهڙي پاسي وڃي پيو.

        ”عقلي بنياد تي وجود جي بقا جي ويڙهه“ پنهنجي لکڻي ۾ ڄاڻائي ٿي ته زراعت عورت شروع ڪئي. هرُ ايجاد ٿيڻ بعد پوک مرد حوالي ٿي، عورت گهرداري جو هنر ۽ طريقو اختيار ڪيو. ڪمن جي ان ورڇ بعد مرد طاقت ۽ اقتدار جي علامت بڻيو.“ ان اڻ برابري کي ختم ڪيئن ڪجي؟ ان ۾ هوءَ عورت جي رول تي زور ڏيئي: مردن جي تضاد يا روين کي پاڻ تي طاري ڪرڻ يا انهن روين تي گهڻو سوچڻ به ٻين لفظن ۾ پنهنجي صلاحيتن ۽ رتبي سان ناانصافي ڪرڻ آهي. عورت کي وجود جي بقا جي جنگ عقلي بنيادن تي وڙهڻي پوندي.

        ”تحفظ جو ڇانورو“ ۾ لکي ٿي ته زراعت، گهرن ۾ پورهيو ڪندڙ توڙي ملازمت ڪندڙ عورت معاشي جدوجهد ڪندي به ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي. غير محفوظ هجڻ جو احساس کيس خود رحمي ۽ احساس ڪمتري ۾ مبتلا ڪري ٿو. هو ڄاڻائي ٿي ته ”عورت جي سٺي يا خراب هئڻ جو معيار روايتي معاشرا جوڙين ٿا“ اها عورت سٺي جيڪا ظلم سهڻ جي صلاحيت رکي ٿي، جيڪا هر زيادتي تي خاموش رهي ۽ مصلحت پسند بڻجي زندگي گذاري. هن ان ڏس ۾ انساني حقن بابت تنظيمن جي رپورٽن جا انگ اکر ۽ حوالا پڻ ڏنا آهن.

هي ڏکويل مائرن جو ديس:

        وحدت ڪالوني، حسين آباد ۽ قاسم آباد ترقياتي ڪمن ۾ پوئتي آهن انهن علائقن ۾ باغ سُڪا پيا آهن، اسان پنهنجي نسلن کي سرسبز باغ بدران انٽرنيٽ ڪيفي ۽ شيشي جي دونهين ۾ ويڙهيل هوٽل ڏيئي سگهيا آهيون.

        پريت ورهائين ڪي ڪي ڊائري وانگر لڳي ٿو.

روڙيو رتا گل نگر پارڪر ۽ ڪاورنجهر جو سفرنامو آهي. شهر جا ٿڪ ذهن جيڪي خوف ۽ دٻاءُ واري زندگي گذارين ٿا هي اچي پاڻ کي ٻيهر فطرت سان جڙيل محسوس ڪن ٿا.

        سنڌ ڏينهون ڏينهن ڇو پوئتي رهي آهي ۽ جواب ملي ٿو ته سنڌ ۾ مسئلن جي ڀرمار آهي. سياسي، معاشي ۽ معاشرتي موجهارا بي حساب آهن. اصل مسئلو اهو آهي ته سنڌ جو ماڻهو عملي سوچ کان پوئتي اهي، هو جنهن رهبر جو انتظار ڪري رهيو آهي، اهو ڪڏهن به نه ايندو. رهبر ته سندس من ۾ موجود آهي.

ٿر جي وساريل شهر جي ڪٿا- نئون ڪوٽ

ٻولي+ عٽڪسا ۾ ڦاٿل عوام ڇا ٿو سوچي.

ماڻهو حال ۾ جيئندي به موجود نه هجن، رڳو سمورا بحث مباحثا ان ڳالهه جي چوڌاري ڦري رهيا هجن ته ڪالهه ۽ ٽيون ڏينهن ڇا ٿيو يا ماضي جو ورجاءَ بي انداز ڪيو وڃي ته پوءِ ماضي ۾ رهندڙ قوم ڪهڙي تبديلي آڻيندي؟

صوفي صاف ڪيو ڌوئي ورق وجود جو: آتم ڪٿا

No comments: