Friday, October 2, 2015

هفتيوار ”-بيداري


 ٽائيٽل ؛ بيداري   شاخ : اخبار
بيداري: هفتيوار ”-بيداري-“ کاٻي ڌر جي نامياري سياستدان ۽ هاري اڳواڻ ڪامريڊ غلام لغاريءَ ميرپور خاص مان 1969ع ۾ -جاري- ڪئي. جيڪا لوڏن لمن جي باوجود ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ -جاري- رهي. هن هفتيوار جو گهڻو تڻو مواد سياسي، ثقافتي ۽ هارين جي حقن جي -باري- ۾ هوندو هو. هن جو پبليشر، -ايڊيٽر-، ڪامريڊ پاڻ هو.، جيڪا سچائي پريس، سچائي منزل مان ڇپبي هئي. 1977ع ۾ ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ٿيڻ ۽ ذوالفقار علي -ڀٽي- کي ڦاسي جي سزا ٻڌائڻ بعد ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ احتجاج ٿيو ۽ پريس تي پابنديون لڳيون. ضياءُ -الحق- ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن جا ڊڪليئرشن رد ڪيا. تڏهن ڪامريڊ لغاري پنهنجي ٻنهي هفتيوار -اخبار- ’-بيداري-‘ ۽ ’سچائي‘ جا ڊڪليئريشن دوستن کي ڏنا ته جيئن اهي عوام جو آواز اٿاريندا رهن. 1978ع ۾ ”-بيداري-“ حيدرآباد جي دوستن جي -ٽيم- کي ڏني ويئي، 
جن- ۾ علي حسن ۽ سهيل سانگي شامل هئا. ”-بيداري-“ جا رسالي جي سائيز ۾ اڃا 12-10 پرچا شايع ٿيا هئا ته حيدرآباد واري رابطه آفيس تي پوليس چڙهائي ڪئي ۽ اتي پيل سمورو سامان ضبط ڪيو. ٻن ڏينهن بعد حڪومت ڊڪليئريشن رد ڪرڻ جونوٽيفڪيشن -جاري- ڪيو.
http://www.encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A8%D9%8A%D8%AF%D8%A7%D8%B1%D9%8A

No comments: