حيدربخش جتوئي جون خدمتون ۽ سنڌ۾هاري تحريڪ جو سرسري جائزو
سهيل سانگي
اڄ کڻي سنڌ ۾ هاري تحريڪ ۽ هاري سوال جو ذڪر و فڪر ناهي, پر ويجهي ماضيءَ ۾ چاليهارو کن سالن تائين اها هڪ سگهاري تحريڪ طور رهي ۽ سياسي ۽ سماجي فڪر تي ڀرپور طريقي سان اثر انداز ٿيندي رهي. هاري تحريڪ جي ڪمزور ٿيڻ جا جتي معروضي ڪارڻ آهن، اتي موضوعي Subjective سبب پڻ هئا. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، جنهن جي شخصيت، ڏاهپ ۽ بهادريءَ سبب ئي هارين جي تنظيم، ڪميٽيءَ مان تحريڪ بڻي، اڄ سندس ورسيءَ جي موقعي تي اسين سنڌ ۾ هاري تحريڪ جو سرسري جائزو وٺنداسين.
سنڌ هاري ڪميٽي ننڍي کنڊ ۾ ترقي پسند تحريڪ جي تسلسل طور ۽ آل انڊيا ڪسان سڀا جي حصي طور 1930ع واري ڏهاڪي ۾ وجود ۾ آئي، جنهن جي قيام ۾ وقت جي روشن خيال ۽ جمهوريت پسند اڳواڻن سائين جي ايم سيد، جمشيد نسروانجي ۽ ٻين پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي جدوجهد کي چئن وڏن دورن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهريون دور 1930ع واري ڏهاڪي جو آهي، جڏهن فڪري لحاظ کان گڏجاڻيون ۽ بحث وڌيڪ ٿيا. هاري ڪميٽي جي شروع واري دور ۾ روشن خيال ۽ جمهوريت پسند ماڻهن جي زور تي اهو مطالبو وڌيڪ رهيو ته سرڪاري زمينون هارين ۾ ورهايون وڃن ۽ هارين سان انصاف ڀريو سلوڪ ڪيو وڃي. تڏهن صرف ڪميونسٽ ئي هئا، جيڪي جاگيردارن کان زمينون کسڻ جي ڳالهه ڪري رهيا هئا. اهي ٻئي لاڙا هاري ڪميٽيءَ ۾ آخر تائين رهيا. ٻيو دور 1940 وارو آهي، جنهن دوران ننڍيون ننڍيون ڀرپور تحريڪون هليون، جن ۾ڄيٺمل پرسرام ۽ قادر بخش نظاماڻي اهم ڪردار ادا ڪيو. 1946ع ۾ ٽندي الهيار ۾ هارين، ميرن ۽ لغارين جي زمينن تي قبضو ڪيو، جنهن جو رڪارد آل انڊيا ڪسان سڀا جي رڪارد ۾ ملي ٿو. انهيءَ مان لڳي ٿو ته 40ع واري ڏهاڪي ۾ جدوجهد ۾ شعور سان گڏ هيرو ازم ۽ شدت پسندي اچي ويئي هئي.
جيئن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سرڪاري نوڪري ڇڏي هاري تحريڪ ۾ شامل ٿيو ته هن ان تحريڪ کي نئون جوش ۽ ولولو بخشيو. ڪامريڊ جتوئي مارڪسي فلسفي کان متاثر هو، هاري ڪميٽيءَ جو اهو دور گهڻ پاسائين ترقيءَ جو دور آهي. هن دور ۾ هارين جي تنظيم ڪاري ٿي. ان تنظيم ڪاريءَ جو گهڻو اثر اتر سنڌ طرف وڌيڪ هو. وچولي ۽ لوئر سنڌ ۾ ايتري تنظيم ڪاري نه ٿي سگهي، پراڻو هاري ورڪر، شاعر ۽ صحافي منصور ميراڻي، ڪامريڊ رمضان شيخ سان ٿيل ڪچهرين جي حوالي سان ٻڌائي ٿو ته ان دور ۾ ضلعي سطح تي باقاعده هاري ڪميٽيءَ جون آفيسون قائم ٿيون. اهي آفيسون ’هاري حقدار‘ جي نالي سان هونديون هيون، جتي هارين جي بيدخلين، پوليس ۽ زميندارن جي زيادتين خلاف شڪايتون لکيون وينديون هيون ۽ ان ڏس ۾ واسطيدار عملدارن سان لکپڙهه ڪئي ويندي هئي ۽ عوامي سطح تي اهو مسئلو اٿاريو ويندو هو.
ٽئين دور ۾ سڀ کان وڏو ڪم ٽيننسي ايڪٽ منظور ڪرائڻ هو. سنڌ هاري ڪميٽي جي پليٽ فارم تان سڄي سنڌ مان هاري ڪامريڊ جتوئيءَ جي سڏ تي سنڌ اسيمبليءَ آڏو ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. اهو ڌرڻو ايڏو ته سگهارو هو، جو اسيمبلي ميمبرن کي ٻاهران ڪو پاڻي يا ماني نه پئي وڃي سگهي. ٽيننسي ايڪٽ قانون جي لحاظ کان وڏو ڪارنامو هو. هن قانون ۾ پهريون ڀيرو هاري ۽ زميندار کي زراعت ۾ برابر جو ڀائيوار مڃيو ويو هو. ٻج، ڀاڻ، ٻئي زرعي خرچ ۽ پيداوار جي ورهاست (بٽئي) بابت واضح طور تي قانوني فقرا موجود هئا. انهيءَ دور ۾ هاري ڪميٽيءَ جي انهيءَ ئي ڏهاڪي ۾ ڪامريڊ حيدر بخش، جتوئي سلطان احمد چانڊيو جي مقابلي ۾ بيٺو ته سندس ورڪ لاءِ پنجاب مان به حبيب جالب ۽ ٻيا ڪميونسٽ اڳواڻ پهتا هئا. جرئت مندي واري جدوجهد جي ڪري هاري سوال گهڻو اڀري آيو. ان دور ۾ چيني اڳواڻ چو اين لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيو ته هن حڪومت کان فرمائش ڪئي، ته کيس ڪامريڊ جتوئيءَ سان ملايو وڃي.
1957ع ۾ هاري ڪميٽيءَ جي وڏي پيماني تي پهرين ڪانفرنس آرائين، تعلقو ڳڙهي ياسين ۾ ٿي، جيڪا هاري تحريڪ ۾ ’آرائين هاري ڪانفرنس‘ طور سڏي وڃي ٿي. هن ڪانفرنس ۾ شيخ اياز ۽ ان دور جي ڪراچيءَ ۾ پڙهندڙ شاگردن شرڪت ڪئي. ان دور ۾ سڄي سنڌ ۾ آفيسن ۽ ڪارڪنن جو نيٽ ورڪ صرف سنڌ هاري ڪميٽي وٽ هو، جيڪو ٻئي ڪنهن وٽ ڪونه هو. ڪامريد مولوي نذير حسين، محمد رمضان شيخ، نيڪ محمد فضلي، محمد عمر ٻوهڙو مک هاري ليڊر هئا، جيڪي اتر سنڌ واري علائقي ۾ پيا هلندا هئا. ان دور جي ٻي خاص ڳالهه اها هئي، ته هاري ڪميٽي سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ سمورين پارٽين جو گڏيل مورچو هو. جي ايم سيد هجي يا الله بخش سومرو يا ٻيو ڪو اڳواڻ، اهو هارين جا مسئلا کڻندو هو. ان دور ۾ جيڪا به ڪانفرنس ٿيندي هئي، سا سنڌ اندر سياسي هلچل جو نئون سنگ بنياد بڻبي هئي. اهڙي ئي هڪ ڪانفرنس ۾ ڪامريد ڄام ساقيءَ کي سڄي سنڌ ۾ شاگرد تنظيم ٺاهڻ جي ذميواري ڏني ويئي هئي.
هاري جدوجهد جا ڪيترائي شهيد آهن. پٺائي انڙ، تعلقي ٽنڊي باگي جو هاري هو، زميندار سان بٽئي تي جهيڙو هلندڙ هو. مختيارڪار وٽ 10 جون 1953ع تي فيصلو ٿيو. 12 جون تي هو پنهنجي پٽ محمد ابراهيم سميت قتل ٿي ويو. هاري ڪميٽي جي دٻاءَ تي قاتل گرفتار ٿيا ۽ کين سزا پڻ آئي. خميسو خاصخيلي، ڳوٺ حاجي خاصخيلي ٽنڊي الهيار جو هاري هو. زميندار ساڻس زيادتيون ڪندو هو. هو ٻين هاري ورڪرن سان گڏ مختيارڪار وٽ شڪايتون کڻي ويندو هو. هاري ورڪرن جي هن گروپ تي زميندار جي ماڻهن حملو ڪيو، نتيجي ۾ پنجن ٻين هاري ورڪرن سميت هو زخمي ٿي پيو، بعد ۾ هو زخمن جو سور نه سهي گذاري ويو. غلام مصطفى عباسي 28 نومبر53ع تي قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيو ۽ بعد ۾ گذاري ويو. عزيز الله مجروح ڄاتل سڃاتل هاري ليڊر ۽ شاعر هو. 8 آگسٽ 62ع تي زميندارن گهر ۾ستل حالت ۾ کيس قتل ڪرايو. عزيز الله جي قبر تي هاري ليدرن نذير جتوئي، نيڪ محمد فضلي ۽ ٻين عهد ڪيو ته مجروح، جيستائين تنهنجو پلاند نه ڪنداسين، تيستائين ماٺ ڪري نه ويهنداسين. علائقي جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته مولوي نذير جتوئي پوءِ اهو پلئه ڪيو. بختاور به بٽئي تحريڪ جي شهيد آهي. کيس تڏهن قتل ڪيو ويو، جڏهن هاري سڀ جهڏي ۾ ٿيل هاري ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ويل هئا. هاري ورڪر بالاچ بروهي کي نوابشاهه ويجهو شهيد ڪيو ويو.
کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ پراڻي ڪارڪن منصور ميراڻي جو چوڻ آهي ته جهڙي نموني هاري ڪميٽي جي ڪامريڊن سخت جدوجهد ڪئي، ڪٺن زندگي گذاري ۽ هڪ مشن کي اڳتي وڌايائون، ان موجب جيڪي ڪنهن بيماري وگهي به گذاري ويا، اهي به شهيدن جي کاتي ۾ اچن ٿا. مختلف دورن ۾ ڪم ڪندڙ هاري ليڊرن ۽ ڪارڪنن جي وڏي لسٽ آهي، پر ان مان چند چيده چيده اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جا نالا هن ريت آهن، جن هاري ڪيمٽي جي مختلف دورن ۾ ڪم ڪيو. پهرين ۽ ٻئي دور جا هاري ليڊر پڙهيل لکيل ۽ عالم فاضل هئا. ڄيٺمل پرسرام، قادر بخش نظاماڻي، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، غلام حيدر لغاري، عبدالرحمان عيساڻي، محمد عالم مڱريو، مير محمد ٽالپر، مولوي عزيز الله جروار، مولوي نذير جتوئي، عبدالقادر کوکر، عبدالقادر انڊهڙ، صوفي جانڻ چن، محمد هاشم گهانگهرو، قاسم پٿر، سليمان لاکو، محمد خان لاکو، ڪامريڊ محمد رمضان شيخ، غلام حسين سومرو، قاضي فيض محمد، ڪامريد ڄام ساقي، باقر سنائي، رئيس بروهي، مانڌل شر، عنايت ڌمچر، شاهه محمد امروٽي، حسين مگسي، مولوي شاهه محمد بنگلاڻي. اسي واري ڏهاڪي کانپوءِ غلام رسول سهتو، صالح بلو، غلام حسين شر، عثمان لغاري، احمد خان لغاري، دادا علي بخش، گلاب پيرزادو، محب پيرزادو، نبي بخش، همدرد ڦوٽو رستماڻي، محب نظاماڻي، اسماعيل قريشي، لالا شاهه محمد دراني، تاج مري، يار محمد جلالاڻي، الهه رکيو جلالاڻي، خدا بخش شاهه، پنهون زنئور، غلام قادر مرڙاڻي، منصور ميراڻي، مراد چانڊيو، حاتم چانڊيو، قاضي عبدالخالق، شاهمير ڀنگوار، حسين بخش جج، محمد عثمان شيدي، بقا بروهي، دين محمد انڙ، حاجي حسين جوڻيجو، ولي محمد انڙ ۽ اسماعيل کوسو شامل هئا. عوامي تحريڪ جي ٺاهيل ” سنڌي هاري تحريڪ“ ۾ فاضل راهو اهم ڪردار ادار ڪيو. جڏهن ته ٻين مکيه اڳواڻن ۾ علي سوڍو، قادر رانٽو، وشنومل، شير خان لنڊ، گل حسن ڪيڙانو اهم نالا آهن.
امداد قاضي جو چوڻ آهي ته 50ع واري ڏهاڪي ۾ هاري ڪميٽي طبقاتي تنظيم طور پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو. جاگيرداري ختم ڪرڻ ۽ پيداوار تي مالڪيءَ جو حق وٺڻ جا نعرا ڏنا ۽ ان حڪمت عملي تي ڪم ڪيو. قومپرستن جو نعرو هو ته ڪوڙا ڪليم ختم ڪيو. ڪميونسٽن ۽ ڪامريڊ جتوئيءَ جو موقف هو ته هر طرح جا ڪليم غلط آهن. ڪوڙا ڪليم ختم ڪرڻ جو مطلب اهو ته سچا ڪليم صحيح آهن، جيڪي انڊيا ۾ صاحب جائيداد هئا، سي هتي به صاحب جائيداد ٿين. هاري ڪميٽي شاهه عنايت صوفيءَ واري ان نعري کي ٻيهر جياريو.. ”جيڪو کيڙي، سو کائي“ ان معاملي ۾ سيد ۽ جتوئيءَ ۾ دوري پيدا ٿي. سٺ واري ڏهاڪي ۾ کاٻي ڌر سوويت يونين ۽ چين جي اختلافن سبب کاٻي ڌر ۾ ٿيل ورڇ سڄي دنيا وانگر هاري ڪميٽي کي به ورهائي ڇڏيو. هاري فرنٽ جي اڳواڻي ڪندڙ ڪميونسٽ ليڊر ڪامريڊ عزيز سلام بخاري چيني لائين اختيار ڪئي. نتيجي ۾ هاري ڪارڪنن جو ڳچ حصو سندس گروپ ۾ شامل ٿي ويو. هن گروپ طرفان ئي چمبڙ تحريڪ هلائي وئي، جنهن ۾ احمد خان لغاري ۽ ٻين ڪامريڊن اهم ڪردار ادا ڪيو.
چوٿون دور ڪامريد جتوئيءَ جي وفات کانپوءِ جو آهي. ڪامريد جتوئيءَ جي آخري ڏينهن ۾ ’شاگرد هاري مزدور رابطه ڪميٽي‘ جوڙي وئي. تن ڏينهن ۾ شاگرد تحريڪ گهڻو زور هئي ۽ مزدور تحريڪ به اڀريل هئي. هن اتحاد جو مقصد اهو هو ته هڪ ته سمورا پڙهيل طبقا گڏجي جدوجهد ڪن ۽ ٻيو اهو ته هارين کي به مزدورن ۽ شاگردن جي تحريڪ مان فائدو ملي. ڪامريڊ جي زندگي ۾ ئي سڪرنڊ ڪانفرنس رٿي وئي، پر سندس وفات سبب اها ملتوي ڪئي وئي ۽ڪجهه مهينن جي وقفي بعد ڪوٺائي وئي. هن ڪانفرنس ۾ ڄام ساقيءَ کي هاري ڪميٽي کي نئين سر منظم ڪرڻ لاءِ آرگنائزر مقرر ڪيو ويو. ڪميونسٽ پارٽي جي موجوده سيڪريٽري جنرل امداد قاضي جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ هاري ڪميٽي جو رنگ وڌيڪ ريڊيڪل ٿيو، پر اها تنظيمي طور سڪڙجي وئي. سندس چواڻي ته ڪامريڊ ڄام جي ڏينهن ۾ نظرياتي رخ تي وڌيڪ توجهه رهيو. هاري ڪميٽي ماس موومينٽ نه بڻجي سگهي.وڏي پيماني ڪا تحريڪ نه هلي سگهي. ننڍيون ننڍيون تحريڪون هليون. ڪجهه پاڪيٽس ٺهيا، لاڙڪاڻي، ٻلهڙيجي، ۽ شهدادڪوٽ ۾ مضبوط پاڪيٽ ٺهيا. ايتري قدر جو هاري ڪميٽيءَ عرس سيلرو کي نادر مگسي جي مقابلي ۾ اميدوار بيهاريو، کروهي تعلقي ڏهرڪي ۾ ڪامريڊ مانڌل شر جي اڳواڻي ۾ مضبوط مرڪز ٿيو. نوابشاهه ۾ پير شهاب جي اڳواڻيءَ ۾ ۽ ٽنڊوالهيار ڀرسان پهاڙ لغاري ۽ گلاب لغاري ۾ به ڪجهه مرڪز ٺهيا. جامي چانڊيو جو چوڻ آهي ته ڪامريڊ جتوئيءَ جي وفات کان پوءِ عملي طرح هاري ڪميٽي جو وجود نه رهيو. اهو زرعي سوسائٽي جو الميو آهي ته وڏا ماڻهو آهن ته تنظيم ۽ تحريڪ ٺهي ٿي، نه ته ٿيو خير. جتوئيءَ بعد هاري قيادت ۾ ائين ڪو وڏو ماڻهو نه آيو. عوامي تحريڪ ”سنڌ هاري ڪميٽي“ جي نالي سان ڪجهه عرصو ڪم ڪيو، پر ضياءَ الحق جي دور ۾ ان ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. گهڻو لاڙو قومي سوال ڏانهن ٿي ويو. ان کان علاوه هاري تنظيمون مختلف شڪلين ۾ ٺهيون، پر سرزمين تي موجود نه هيون. ضياءَ الحق کان پوءِ حقيقي معنى ۾ هاري تحريڪ ختم ٿي ويئي. ان جو ڪارڻ قومي سوال ۽ جمهوري سوال جو اڳتي اچڻ هو، جنهن کي کڻڻ وقت جي ضرورت به هئي ۽ سياسي پارٽين انهن ٻنهي سوالن کي اهميت به ڏني. بهرحال ضياءَ الحق خلاف تحريڪ ۾ هارين پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.
سياسي ڪلچر ۽ ماحول جي تبديلي:
جي ايم سيد هاري ڪميٽي جي شروع واري ٻن دورن ۾ ڀرپور طريقي سان شامل رهيو، پر سٺ واري ڏهاڪي ۾ ۽ خاص طور تي ستر ۾ چونڊون هارائڻ بعد پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪرڻ جي نتيجي ۾ هن ٻيهر ڪڏهن هاري سوال جو ذڪر نه ڪيو. شروع واري دور ۾ سياسي ڌرين جي هاري سوال تي ڪابه چٽا ڀيٽي يا مقابلو نه هو، پر ستر واري ڏهاڪي کانپوءِ سياسي ڌريون هڪ ٻئي سان چٽا ڀيٽي ڪرڻ لڳيون. هر ڪنهن پنهنجي ڪميٽي يا محاذ الڳ ٺاهيو. سنڌ هاري ڪميٽي جو اڳوڻو جنرل سيڪريٽري صوفي حضور بخش جامي چانديو جي ان راءِ سان متفق ناهي، سندس چوڻ آهي ته سنڌ هاري ڪميٽي 80ع واري ڏهاڪي ۾ وڏو ڇال ڏنو، تڏهن ’هاري تحريڪ‘ کي نئون اوج مليو. ان جو سبب هارين ۾ ڪم ڪندڙ مختلف ڌرين جو هڪ دفعو وري گڏجي ڪم ڪرڻ هو. ان دور ۾ سئو کان وڌيڪ جلسا ٿيا. هارين جون جدوجهدون هليون، جيڪي ڪامياب به ويون. بعد ۾ وري انهن گروپن جي وچ ۾ اختلافن سبب ٽوڙ ڦوڙ ٿي ۽ هاري ڪميٽي ڪمزور ٿي وئي. سندس چواڻي ته جيڪڏهن پاڻ ارپيل قيادت هجي ۽ کاٻي ڌر جي مکيه گروپن جي حمايت هجي ته هاري ڪميٽي ٻيهر سرگرم ۽ فعال ٿي سگهي ٿي.
هاري ڪميٽي جون حاصلات:
ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ کي ڳوٺن تائين کڻي وڃڻ،
روشن خيال فڪر، سياسي سجاڳي ۽ تنظيم ڪاري ذريعي ننڍيون ننڍيون لڙايون لڙڻ، هاري ڪميٽي جي اهڙي حاصلات آهي، جنهن مجموعي طور سنڌ جي ٻهراڙين ۾ جاڳرتا آندي. ان جاڳرتا جو کٽيو ذوالفقار ڀٽي کاڌو. ان کان علاوه هاري ڪميٽي جون پنج ٻيون حاصلات آهن، جيڪي اهم آهن.
1. سنڌ ٽيننسي ايڪٽ منظور ڪرائڻ
2 .ڪوڙن ڪليمن کي روڪڻ
3. بئراج جون زمينون ڌارين جي بدران مقامي ماڻهن کي ڏيارڻ
4 .زرعي پيداوار جي اڌ بٽئي
5. هارين جون بيدخليون روڪائڻ
انهن پنجن ئي حاصلات لاءِ هاري ڪميٽي ڪامريد حيدر بخش جتوئيءَ جي اڳواڻي ۾ جامع حڪمت عملي سان لڳاتار جدوجهد ڪندي رهي. دراصل هر حاصلات جي الڳ الڳ تحريڪ پڻ هئي.
ڪامريڊ جتوئي هڪ بي ڊپو، برجستو اڳواڻ هو. سندس حڪمت عملي هميشه گهڻ پاسائين هوندي هئي. يعني قانوني ويڙهه به وڙهندو هو، احتجاج، جلسا، جلوس به ته وري ٻين پارٽين سان لابنگ به ڪندو هو ته جيئن هن مطالبي جي ٻين وٽان به حمايت ملي سگهي. جيتوڻيڪ پيداوار جي ذريعن ۾ تبديلي آئي آهي. لوئر سنڌ ۽ لاڙ ۾ ڪمند ۽ ٻيا ڪيش ڪراپ وڏي پيماني تي ٿيڻ ڪري زرعي مزدور پيدا ٿيو آهي. هن وقت به معاشي طور تي سڄو نزلو هاري تي ڪري ٿو. دڪاندار، وڏو واپاري، ڪارخانيدار، سرڪاري يا خانگي ملازم پنهنجو سمورو بار عام حالتن ۾ توڙي معاشي بحران جي صورت ۾ هاريءَ تي وجهي ٿو، ان ڪري هاريءَ جي حالت خراب آهي. ’هاري سوال‘ رياست ۽ سياست ٻنهي جي ايجنڊا مان گم آهي. ڪجهه اين جي اوز هاري معاملن تي ڪم ڪن ٿيون، پر اهي حقيقي هاري تنظيمون ناهن. اهي Issue based معاملا کڻن ٿيون. ان کي انساني حقن يا وري پورهيت جو سوال ڪري کڻن ٿيون. در اصل هي سماج جو طبقاتي ۽ سياسي سوال آهي. اڻ برابريءَ جو سوال آهي. اين جي اوز هن معاملي کي اشو طور کڻن ٿيون، جيڪو وقتي رليف يا فرسٽ ايڊ طور ڪم ڏي ٿو. پر ان کان مٿي نه انهن جي صلاحيت آهي، نه ارادو، نه vision.هي سياسي ۽ طبقاتي سوال آهي، جيڪوسياسي پارٽين کي ئي کڻڻ گهرجي.